چارلي، نور محمد

چارلي، نور محمد

چارلي نور محمد

چارلي، نور محمد: ناميارو اداڪار نور محمد چارلي، 1912ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو. هن پنهنجي فن جو آغاز هن چوڏهن سالن جي عمر ۾ چندولا شاهه جي فلمي ڪمپني ’موويز ٽون‘ جي ٺهندڙ ’گونگين فلمن‘ ۾ اداڪاري ڪرڻ سان بمبئيءَ ۾ ڪيو. سندس پهرين مزاحيه فلم ’پلٽ تيرا ڌيان ڪڌر هي‘ جيڪا بمبئي ۾ ٺهي. نور محمد چارلي، هندستاني سينيما جو وڏو مزاحيه اداڪار هو. ان دؤر جا ٻيا مزاحيه اداڪار يعقوب، مرزا اشرف آغا، جاني واڪر، محمود اي. غوري، اي. شاهه شڪارپوري هن سان گڏ ڪم ڪندا هئا. نور محمد ذات جو ميمڻ هو ۽ ٻين نوجوانن وانگر چارلي چپلن جي فن جو عاشق هو، جنهن ڪري پنهنجي نالي جي پويان به چارلي لقب رکيائين. پهرين جنگ عظيم دنيا کي ڏکن جي گهري سمنڊ ۾ ويڙهي ڇڏيو، جنهن ڪري مزاحيه فلمن ماڻهن جي چپن تي مرڪ آندي ته چارليءَ به پنهنجي فن سان ماڻهن کي کلائي کيرو ڪيو، هر طرف چارليءَ جي باڊي لينگيويج جو چرچو عام ٿيو. هيري طور سندس پهرين فلم ’الو ڪا پٺا‘ هئي. ان فلم کيس مشهوريءَ جي بلندين تي پهچايو. 1932ع ۾ جڏهن اردو فلم ’ارپنا‘ ٺاهي وئي ته مشهور اداڪار يعقوب سان گڏ ڪم ڪيائين. هندستان ۾ هن جون ڪافي فلمون رلـيـز ٿيون، جـن ۾: سنجـوب، مـنورما، چـانـد اس پار، رڪـشـا والا، بـازيـگـر، مسافر، زمين ڪا چاند، پاڪ دامن، رقاصه، زرينا، چندر هاسا، پريمي پاگل، نادرا، فرزند هندِ، طوفان ميل، ڪاليج گرل، رات ڪي راني، سيڪريٽري ۽ ٺوڪر تمام گهڻيون مشهور ٿيون. انهن فلمن مان ڪن ۾ چارلي هيرو طور به آيو، جن ۾ سورن لتا هيروئن هئي. ’غزل‘ فلم ۾ ليلا چيٽنس هيروئن هئي ۽ ’دلها‘ فلم ۾ چندر پرڀا هن سان گڏ هيروئن ٿي آئي. ورهاڱي کان پوءِ هيءُ سنڌ موٽي آيو. هتي به 12 کن فلمن ۾ ڪم ڪيائين. پاڪستان ۾ سندس پهرين فلم جي. اي. گل جي ’مندري‘ هئي، جيڪا 1949ع ۾ رليز ٿي جنهن جو ڊائريڪٽر دائود چاند هو. ان کان پوءِ نذير اجميريءَ جي فلم ’بيقرار‘ ۾ ڪم ڪيائين جنهن ۾ راگني ۽ الياس ڪاشميري مُک اداڪار هئا. ان کان پوءِ عطاءُ الله هاشميءَ جي فلم ’اڪيلي‘ ۾ ڪم ڪيائين، جيڪا 1951ع ۾ رليز ٿي، جنهن ۾ سنتوش، هيري جو رول ادا ڪيو هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، 1956ع ۾ پهرين سنڌي فلم ’عمر ماروي‘ ۾ ڪم ڪيائين، جيڪا حسين شاهه فاضلاڻي ۽ شيخ حسن ٺاهي هئي. جنهن ۾ هن مزاحيه ڪردار ادا ڪيو هو. ان کان پوءِ حسين شاهه فاضلاڻيءَ 1958ع ۾ ’پرديسي‘ فلم ٺاهي ته ان فلم ۾ به هن شيخ سنڌيءَ سان گڏ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. 1966ع ۾ هن جي مشهور فلم ’پلپلي صاحب‘ آهي جنهن ۾ هن لِيڊنگ رول ادا ڪيو. ان کان پوءِ پنهنجي مشهور فلم ’استادون ڪا استاد‘ ۾ آيو. ان سميت ’مس 1976ع‘ به سندس مشهور فلمن مان هڪ هئي. هيءُ 1967ع ڌاري آمريڪا هليو ويو. هن سداحيات فلمي اداڪار اٽڪل هڪ سئو فلمن ۾ ڪم ڪيو. هيءُ 1970ع ڌاري آمريڪا مان موٽي سنڌ ۾ آيو. 1975ع ۾ وفات ڪيائين. سندس پٽ منور ظريف چارلي به وڏو اداڪار آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو